باهه سان ڊانس ڪرڻ سولو ڪم ناهي: نورا فتيحي

ممبئي (شوبز نيوز) مراڪشي ڄائي بالي ووڊ اداڪاره ۽ ڊانسر نورا فتيحي گذريل سال آگسٽ ۾ رليز ٿيل گاني “دلبر دلبر” جي ريميڪ ۾ شاندار ڊانس ڪري سڀني جون دليون کٽي ورتيون هيون. تازو هن 2004 ۾ رليز ٿيل فلم “مسافر” جي گاني “ساقي” جي آفيشل ريميڪ ۾ ڊانس ڪئي آهي جنهن تي مٿس تنقيد ڪئي پئي وڃي. ان حوالي س/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 23

ان ڊانسر نورا فتيحي جو چوڻ هو ته هن گاني ۾ پرفارمينس لاءِ هن رڳو 3 ڏينهن ۾ تياري ڪئي. فلم فيئر موجب نورا فتيحي “ساقي” جي ناڪامي کانپوءِ ڳالهائيندي چيو ته کيس ساقي ۾ پرفارمينس ڪرڻ جي تياري لاءِ وڌيڪ وقت نه مليو ۽ هن آخري ٽن ڏينهن ۾ تياري ڪئي. ان سان گڏوگڏ مراڪشي ڄائي بالي ووڊ اداڪاره جو چوڻ هو ته گاني ۾ هن باهه سان پرفارمينس ڪئي ۽ باهه سان ڊانس ڪرڻ سولو ناهي هوندو. هن گاني جي ميوزڪ ۽ ان کي ٻيهر ٺاهيندڙ ٽيم ۽ ڳائڻي جي تعريف ڪندي چيو ته هن “ساقي” ۾ بهتر کان بهتر پرفارمينس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اداڪاره ٻڌايو ته “ساقي” ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سان باهه سان گڏ رقص ڪرڻو پيو جڏهن ته اداڪاره گهٽ وقت ۽ باهه سان پرفارمينس ڪرڻ تي گاني کي ناڪامي قرار نه ڏنو، هن ڊانس پرفارمينس کي ڏکيو قرار ڏنو. هن چيو ته اهم ڳاهه اها آهي ته “بٽلا هائوس” ۾ هن نه رڳو گاني ۾ پرفارمينس ڪئي آهي پر هو فلم ۾ اداڪاري به ڪندي نظر ايندي ۽ هو فلم جي حوالي سان پراميد آهي. واضح رهي ته نورا فتيحي مراڪش ۾ پيدا ٿي جڏهن ته هن وڌيڪ وقت ڪيناڊا ۾ گذاريو ۽ وٽس ٻنهي ملڪن جي شهريت آهي. نورا فتيحي 2014 ۾ ڀارت ۾ ماڊلنگ، اداڪري ۽ ڊانس ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ هاڻي هندي سميت ملايلم، تيلگو ۽ تامل فلمن ۾ مختصر ڪردارن سميت ڪيترائي آئٽم نمبر ڪري چڪي آهي کيس سڀ کان وڌيڪ شهرت “دلبر دلبر” جي ريميڪ مان ملي جنهن کانپوءِ هن ڪيترائي آئٽم نمبر پڻ ڪيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *