قبائلي علائقن جي عوام جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: وزير اعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان قبائلي علائقن جي مختلف ايجنسين سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جا صدر نائب صدر ۽ جنرل سيڪريٽريز تي ٻڌل وفد اربع تي وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي وفد جي قيادت مملڪتي وزير غالب خان ڪري رهيو هو ملاقات ۾ سڌارا قبائلي علائقن جي تعمير ۽ ترقي ۽ علائقي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته قبائلي عوام جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي ترجيحي آهي هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موجوده حڪومت نه صرف فاٽا جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوشش ڪئي پر ان تي عملي طور ڪم شروع ڪيو هن چيو ته فاٽا سڌارن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ هن عمل کي فاٽا جي عوام جي مرضي مطابق مڪمل ڪيو ويندو فاٽا انظمام تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت سمجهي ٿي ته فاٽا سڌارن ۽ انظمام جي عمل کي مرحلي وار طريقي سان مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن هن عمل سان لاڳاپيل اشوز ۽ مسئلن جو به گڏوگڏ حل نڪري اچي هن چيو ته فاٽا جي عوام کي قومي دارا ۾ آڻڻ لاءِ ضروري اهي ته اتي تعمير ۽ ترقي جي عمل کي هٿي ڏيئي سگهجي وفد جي ميمبرن فاٽا ۾ سڌارن واري عمل کي شروع ڪرڻ ۽ قبائلي علائقن تي سالون سال کان مڙهيل ڪاري قانون جي خاتمي جي سلسلي ۾ عملي قدم کڻڻ تي وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *