نظام بدلائڻ جا پڙاڏا…

مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪو به عدالتي فيصلو منهنجو عوام سان تعلق ٽوڙي نه ٿو سگهي. ايبٽ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته نواز شريف هڪ نظرئي جو نالو آهي، جيڪو پاڪستان ۾ انقلابي تبديلي آڻيندو. پاناما جو ڊرامو ڪيو ويو، جنهن پٽيشن کي فضول قرار ڏئي خارج ڪيو ويو بعد ۾ وري مقدس قرار ڏنو ويو، منهنجي خاندان کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو، واٽس ايپ جو تماشو ڪيو ويو پوءِ ڪجهه انمول هيرا ڳوليا ويا. جي آءِ ٽي جوڙي وئي جنهن سامهون مون سميت پٽ ۽ نياڻي به پيش ٿي پر سڀ ڪجهه ڪرڻ باوجود نواز شريف خلاف هڪ پائي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي سگهي. جڏهن سموريون ڪوششون ناڪام ٿيون ته چيو ويو نواز شريف پنهنجي پٽ کان پگهار نه ورتي آهي جنهن ڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي ٿو. عوام جي خدمت ڪري عوامي محبتون ميڙيون آهن. 2013ع ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ عروج تي هئي، امن امان جي صورتحال بدتر ٿيڻ سبب ملڪي معيشت ٻڏي رهي هئي پر اسان عوام کي امن جو تحفو ڏئي پرڏيهي سيڙپڪاري آندي ۽ بجلي جا نوان منصوبا لڳائي عوام کي لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو ڏياريو آهي.ايبٽ آباد جلسو ريفرينڊم آهي. چئن پنجن ڄڻن جي فيصلي کي عوام قبول ناهي ڪيو. 2018ع ۾ وري ايندس ۽ عوام سان واعدا ڪندس عوام ڄاڻي ٿو ته آئون واعدا پورو ڪندو آهيان. ڪو اهو سمجهي ٿو ته آئون هارائي ويندس ته اها سندس ڀل آهي.هارائڻ وارو هجان ها ته اڄ عوام ۾ نه هجان ها پر سياست ڇڏي آرام سان ويهي رهان هان. وزارت اعظميٰ سنڀاليندي ئي مون کي ڌرڻي وسيلي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اسان ترقي ۽ خوشحالي جي ڪمن ۾ لڳاتار رهياسين. پوءِ وري پاناما جو تماشو لڳايو ويو.

عدالتي فيصلي بعد وزيراعظم هائوس ڇڏي گهر هليو ويس پر عوام اهو فيصلو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. توهان منهنجو ساٿ ڏيو نظام بدلائي ڇڏينداسين. ڪوڙا پئمانا بدلائڻا پوندا. ملڪ کي هڪ ڀيرو وري عدم استحڪام جو شڪار بڻايو ويو آهي. عوام ساٿ ڏئي ته واعدو ٿو ڪريان ته اسان گڏجي مارچ ڪنداسين پر توهان مون کي اڌ رستي ۾ نه ڇڏجو. نه جيل کان ڊڄان ٿو، نه سزا کان ۽ نه ئي موت کان، آمرن جي بيعت ڪئي وئي پي سي او تحت حلف کنيا ويا. آمرن کان وفاداري جو حلف کنيو ويو پر اڄ اهو آمر ملڪ مان ڀڄي ويو آهي پر آئون ڀڄڻ وارو نه آهيان. ڇاڪاڻ ته آئون آمر نه آهيان. عوام سان واعدو آهي ته اوهان جو ساٿ ڏيندس. هڪ ڊرامي باز چوندو هو ته 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪري ڇڏيندس. پر هن پنهنجي صوبي ۾ احتساب جو نظام ئي بند ڪري ڇڏيو ۽ صوبو تباهه ڪيو. اربين وڻ پوکڻ جا دعويدار اربين رپيا کائي ويا پر ڪنهن به سوال نه ڪيو، مون ٽڪي جي به ڪرپشن ناهي ڪئي. پوءِ به منهنجو سڄو خاندان عدالتن ۾ پيش ٿيو. جج پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ”تيري رهبري ڪا سوال آهي، ها اهو ئي سوال آهي. هنن ڪڏهن رهزنن کان سوال ته ڪڏهن ڪيو ئي ناهي. هن آمرن جو ساٿ ڏنو. نظرثاني جي اپيل عوام ۾ کڻي آيو آهيان. عوام ان جو فيصلو ڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *