افغانستان جو امن پاڪستان لاءِ اهم آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه افعانستان ۾ امن کي پاڪستان لاءِ اهم ڪوٺيندي چيو آهي ته رنڊڪن جي  باجود پنهنجي طرفان خاص قدم کنيا آهن پاڪستان پنهنجي مستقبل لاءِ عوامي امنگ مطابق ڪوششون جاري رکندو، آمريڪي سينٽڪام جي ڪمانڊر جنرل جوزف ايل ووٽل دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪتسان جي ڪوششن کي ساراهيندي ان جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خميس تي ملاقات ٿي، ملاقات ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ افغاننستان بابت معاملن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪ افغان بارڊر مئجيمينٽ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي بهتر ڪردار ۽ ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، آرمي چيف ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته افغانستان ۾ امن ڪنهن ٻئي ملڪ جي ڀيٽ ۾ پاڪستان لاءِ وڌيڪ اهميت وارو آهي، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر پاڪستان آرمي جي ڪردار جو اعتراف ڪندي ان کي ساراهيو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *