آصف زرداري نامعلوم ۽ ڳجهي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي: سعد رفيق

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته جمهوريت کي مضبوط ٿيڻ نه پيو ڏنو وڃي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته نواز شريف سان پهريون ڀيرو ايئن نه ٿي رهيو آهي پر پر اڳ وارا مرحلا به قوم کي چڱي نموني ياد ٿي چڪا آهن. هن چيو ته عوام کي خبر آهي ته اڳتي ڇا ٿيڻ وارو آهي. سندس چوڻ هو ته مان ڪنهن جي ذات کي نشانو بڻائڻ نه ٿو چاهيان پر زرداري صاحب نامعلوم ۽ ڳجهي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي. پيرا ڊائيز ليڪس بابت خواجه سعد رفيق چيو ته مون کي خبر ناهي ته اهڙين ليڪس ۾ ڪهڙو سچ آهي پر گهڻي قدر ليڪس ۾ ڪوڙ ئي هوندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *