ڪرپشن ثابت نه ٿيڻ تي وزيراعظم کي اقامي تي گهر موڪليو ويو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ ۽ اطلاعات واري ممڪلتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نواز شريف تي ڪوڙن الزامن باوجود سپريم ڪورٽ ۾ ٽرائل ٿيو آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته اسان بابت سپريم ڪورٽ مان ڀڄڻ جو تاثر ڏنو ويندو هو پر وقت سان گڏ سمورا تاثر غلط ثابت ٿيا آهن. هن چيو ته 2 ڀيرا وزيراعظم ۽ 3 ڀيرا وزيراعظم رهڻ باوجود ڪا هڪ ڪرپشن ثابت نه ٿي آهي، اهو ڪهڙو خراب عمل آهي جنهن سبب وزيراعظم کي گهر موڪليو ويو. سندس چوڻ هو ته جڏهن ڪجهه مليو ته اقامي تي فيصلو ٻڌائيندي چونڊيل وزيراعظم کي گهر موڪليو  ويو جيڪو به فيصلو هجي آئين ۽ قانون موجب هئڻ گهرجي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جلسن ۾ عدالتن ۽ فوج کي تڪراري بڻائيندو آهي،  عدالتن مان ڀڄي رات جو جلسا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڇو نه ٿيندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *