پيپلز پارٽي ڪو مطالبو نه آئيني گهرجون پوريون ڪرڻ جي ڳالهه پئي ڪري: قمر الزمان ڪائره

لاهور (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پيپلز پارٽي 5 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ جلسو ڪندي، جنهن ۾ بلاول ڀٽو آئنده جي حڪمت عملي جو اعلان ڪنداسين، هن چيو ته پيپلز پارٽي جو ايجنڊا هميشه جمهوريت رهيو آهي، اسان ڪو مطالبو نه ڪري رهيا آهيون، آئيني گهرجون پوريون ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، حڪومت پنهنجي نالائقي جو الزام اسان تي لڳائي رهي آهي، پريس ڪانفرنس ڪندي قمر زمان ڪائره چيو ته تحريڪ انصاف جو وقت کان اڳ چونڊن جو مطالبو غير آئيني ناهي پر هن وقت ضرورت ناهي، سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي عوام جي طاقت تي يقين رکي ٿي ۽ هميشه پنهنجي زبان ڳالهائيندي آهي، جڏهن ته اهي ماڻهو ٻين جي زبان ڳالهائيندا آهن، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته قومي حڪومت يا ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي آئين ۾ ڪا گنجائش ناهي، قمر زمان ڪائره چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت کي ڪو خطرو ناهي، ن ليگ جمهوري نظام کي هلندو نٿي ڏسڻ چاهي، نواز شريف خلاف ڪيس هلي رهيا آهن، اهو چونڊون نٿو وڙهي سگهي، ن ليگ چاهي ٿي ته ملڪ ۾ ڪو سانحو ٿئي، فوج عدليه تي مسلسل تنقيد ڪئي پئي وڃي پر اهي برداشت ڪري رهيا آهن، هن چيو ته طعنا ڏيڻ وارا ڪڏهن جمهوريت سان گڏ ناهن رهيا، حيرت جي ڳالهه آهي ته ن ليگ وارا اسان کي طعنا ڏئي رهيا آهن، اسان کي طعنا ڏيڻ وارا پهرين پنهنجي ڳلي ۾ جهاتي پائي ڏسن، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته عمران خان جلسن ۾ ماڻهن کي گاريون ڏيندو آهي، بادشاهن، شهزادين خلاف ڪيس هلي رهيا آهن، احتساب جو نظام سڀني لاءِ هڪ جهڙو هجڻ گهرجي، قمر زمان ڪائره يچو ته پيپلز پارٽي ملڪ ۾ وقت تي چونڊن جي خواهشمند آهي، آصف زرداري جمهوريت ۾ يقين رکي ٿو، انهن جي سياست سمجهڻ لاءِ پي ايڇ ڊي جي ضرورت آهي، هن چيو ته نين تڪ بندين جو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ناهي ويو، چونڊن ۾ دير نه ٿيڻ ڏينداسين، قانون سازي ناهي ڪئي، جنهن سبب چونڊن ۾ دير ٿي سگهي ٿي، هن چيو ته حڪومت رڳو هڪ خاندان کي بچائڻ ۾ مصروف آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *