ادارن سان ٽڪراءُ ملڪي سلامتي خلاف آهي، پاڻ کي طاقتور سمجهندڙ پارليامينٽ ختم نٿو ڪري سگهي: خورشيد شاهه

سکر (اين اين آءِ) مخالف ڌر جي اڳواڻ  سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ادارن سان ٽڪراءَ ملڪي بقا جي خلاف آهي ، سياستدانن کي عوام جي حَن جي ڳالهه ڪرڻ گھرجي، ڪجھۡه سياستدان پهريان گاريون ڏين ٿا پوءِ چون ٿا معاف ڪيو، معافي وٺندڙن  سياستدانن کي سياست ڪرڻ جو ڪو حق ناهي، صالح پٽ ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي سيد خورشيد شاهه چيو ته اسان اپوزيشن ۾ رهي پارليمينٽ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪيئ اڄ پاڪستان مسئلن جي ور چڙهيل آهي. اهڙيون حالتون پيدا ٿيون آهن جن کي حل ڪرڻ فرض آهي، اپوزيشن ليڊر چيو ته ملڪ جمهوريت جي ڪري ئي ترقي ڪري سگھِي ٿو، هن چيو ته ميان صاحب کي هر وقت چيو ته پارليمينٽ کي اهميت ڏيو ۽ اسان سان ويهي مسئلا حل ڪيو پر عمران خان  ۽ نوازشريف ٻئي پارليمينٽ ۾ اچڻ پنهنجي توهين سمجھن ٿا، هن چيو ته اهڙو شخص پارليمينٽ کي ختم نه ٿو ڪري سگھي  جيڪو پاڻ کي طاقتور سمجھندو هجي، هن چيو ته اسان پارليمينت کي طاقتور ثابت ڪري ڏيکاريو، عوامي طاقت محسوس نه ڪندڙ شخص ختم ٿي وڃي ٿو، جيڪو عوام جي لاءِ جيئندو آهي اهو هميشا قائم رهندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *