پاڪستان سريلنڪا کي ٽيون ٽي-20 هارائي ميچ ۽ سيريز کٽي ورتي

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا کي 36 رنسن تان شڪست ڏئي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ 0-3 تان وائيٽ واش ڪري ورتو آهي. سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان خلاف لاهور ۾ کيڏيل آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي گرين شرٽس مقرر اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 180 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان شعيب ملڪ بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 24 بالن تي 51 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته عمر امين 45، فخر زمان 31، بابر اعظم 34 ۽ فهيم اشرف 13 رنسون ٺاهيون. سريلنڪا طرفان سنجايا، مناويرا ۽ اوڊانا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ سريلنڪن ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 144 رنسون ٺاهي سگهي. سريلنڪا طرفان شناڪا 54 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ٻين رانديگرن ۾ چتورنگا 21، پراسنا 16، پٿيرانا 14 ۽ ڪپتان ٿسارا پريرا 10 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. پاڪستان طرفان محمد عامر 4، فهيم اشرف 2، جڏهن ته عماد وسيم، محمد حفيظ ۽ حسن علي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. قومي ٽيم سريلنڪا کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ 0-3 تان ڪلين سوئيپ ڪري ورتو آهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *