ملڪ جي احتساب عدالتن ۽ نيب جي امتيازي سلوڪ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

ڪراچي(م.ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن ريفرنس ۾ ضمانت مسترد ڪيل جي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سڄي ملڪ جي احتساب عدالتن ۽ نيب طرفان ممڪنه امتيازي سلوڪ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ چيو ته نيب جي انڪوائري، تفتيش يا ريفرنس ۾ نامزد ملزمن جي گرفتاري جي معاملي تي ملڪ جي مختلف حصن ۾ نيب ۽ احتساب عدالتن طرفان الڳ الڳ پاليسيون اختيار ڪرڻ تي گهري ڳڻتي آهي. مثال طور تي سنڌ ۾ نيب ريفرنس جي ملزم ضمانت کان پهرين گرفتاري حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ هاءِ ڪورٽ ان جي درخواست رد ڪري ڇڏي ته ان کي گرفتار ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ٻين صوبن خصوصن پنجاب ۽ وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ اهڙي نظر ايندي آهي ته نيب ڪجهه ملزمن کي گرفتار ڪيو پر انهن کي لاڳاپيل احتساب عدالتن ضمانتي مچلڪن تي آزاد ڪري ڇڏيو، جنهن سان اهو تاثر اڀرندو آهي ته اهي طاقت ور ۽ بااثر ماڻهو آهن. وڌيڪ اهو ته نيب ۽ احتساب عدالتون ان ملزمن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهڻ جو به نه چيو ۽ انهن جو  پنهنجي مرضي سان ملڪ کان ٻاهر اچڻ وڃڻ رهي ٿو ۽ ڪڏهن نه به ايندو ۽ مفرور ٿي ويندو آهي. بادي النظر ۾ اهو تفريق امتيازي سلوڪ معلوم ٿيندو آهي جيڪو آئين جي آرٽيڪل پنجويهه جي خلاف آهي. عدالت وڌيڪ چيو ته اهو طرز عمل بادي النظر ۾ نه صرف امتيازي سلوڪ آهي، بلڪه ان سان عوام جي قانون جي بالادستي ۽ انصاف جي نظام تي اعتماد به مجروح ٿيندو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته ان پس منظر ۾ نيب کي ملزمان جي گرفتاري ۾ هڪ جهڙي پاليسي اپنائڻ گهرجي، اهڙي طرح احتساب عدالتن کي به ناقابل ضمانت ريفرنسن کي ملزمان لاءِ قانون موجب هڪ جهڙي پاليسي اپنائڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *