ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا گنجائش ناهي، عوام جي فيصلي کانسواءِ ڪو به فيصلو ڪري قبول ناهي: سعد رفيق

اسلام آباد /لاهور(ويب ڊيسڪ): وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڪراچي ملڪي معيشت جي ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ڪنهن به شخص، جماعت ۽ ماڻهن کي ڪراچي شهر جي امن سان کيڏڻ نه ڏينداسين، وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو، گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ ڊي جي رينجرز سنڌ ۽ وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، گهرو وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي پاڪستان جي معيشت جي ترقي لاءِ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو ۽ ڪنهن کي به ڪراچي جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ملڪ دشمن عنصرن سان ڪنهن قسم جي نرمي نه ڪئي ويندي پر پرامن سياست جو احترام ڪيو ويندو، ان موقعي تي ڊي جي رينجرز گهرو وزير کي بريفنگ ڏني، جڏهن ته گهرو وزير رينجرز جي صلاحيتن ۽ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته رينجرز جي ڪاوشن سان شهر ۾ ڏوهن جي شرح ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي.ٻيئ طرف  وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اسان نٿا چاهيون رانديگر عدالت مان نااهل ٿئي، عدالتي نااهلي ۽ مارشل لا سياست دان کي عوام کان پري نٿا ڪن، لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد   ته ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا گنجائش ناهي، عوام جي فيصلي کانسواءِ ڪو به فيصلو ڪري رفيقچيوقبول ناهي، هن چيو ته پاڪستان کي افغانستان، يمن، مصر ۽ شام بڻجڻ نه ڏينداسين، عالمي طاقتن جو کيل پاڪستان ۾ نه هلڻ ڏينداسين، سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو مستقبل جمهوريت سان جڙيل اهي، ملڪ ووٽ جي ذريعي بڻيو آهي، سياست ۾ جڏهن هڪ ٻئي جي چهرن کي ڪارو ڪنداسين ته ڳالهه پري تائين ويندي، اهي ئي ماڻهو سڀاڻي روئيندا ته اسان ڇا ڪيو، سعد رفيق چيو ته سي پيڪ ڪراچي ۽ پشاور جوڙيندو ۽ فاصلا گهٽ ٿيندا، ملڪ صحيح رخ ۾ وڃي رهيو هيو ۽ سيڙپڪاري اچي رهي هئي، پاڪستان افراتفري ۽ انتشار برداشت نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته ٽرينن جو وڏو انگ اپ گريڊ ٿي چڪو آهي، جڏهن ته اچ وڃ به وقت تي آهي، ايندڙ سال ريلوي جو منافعو 50 ۽ 53 ارب رپين جي وچ ۾ هوندو، پاڪستان ريلوي جي ورڪرز محنت ڪري اداري کي بهتر ڪيو، سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته آزادي ٽرين پوري ملڪ ۾ ويندي، سمورن صوبن جو ڪلچر ٽرين جو حصو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *