وزيراعظم، چيف جسٽس ۽ فوجي قيادت ۾ ڊائيلاگ ٿيڻ گهرجي: رضا رباني

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ چيئرمين رضا رباني ادارن ۾ ڊائيلاگ شروع ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي،  سندس چوڻ آهي ته ادارن ۾ ٽڪراءُ مناسب ناهي. هڪ بيان ۾ سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو ته آئيني ادارن ۾ سڀ کان ڪمزور ترين ادارا پارليامينٽ آهي جنهن جا 9 سبب آهن. هن چيو ته اندورني ڪمزورين سبب عدليه، انتظاميه ۽ آمريتون سڀ پارليامينٽ تي حملو ڪنديون آهن. سندس چوڻ هو ته اندورني ڪمزورين تي ضابطو آڻيندي پارليامينٽ کي پاليسين ۽ فيصلن جو مرڪز بڻائڻو پوندو. سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو ته طاقت جو مرڪز عدليه، انتظاميه ۽ پارليامينٽ اهن پر پارليامينٽ اندروني ڪمزورين سبب ڪمزور ترين ادارو بڻجي ويو آهي. هن چيو ته انتظاميه ڪابينا پارليامينٽ تي يلغار ڪري ٿي، ڪڏهن عدليه ته ڪڏهن وري آمريتن طرفان پارليامينٽ تي حملو ڪيو ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته پا رليامينٽ جي ڪمزوري جو سبب سياسي پارٽين طرفان پارليامينٽ کي سنجيده نه وٺڻ، اهم فيصلن جو اعلان پارليامينٽ کان ٻاهر ٿيڻ، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس بدران اي پي سي جهڙا فورم استعمال ڪرڻ شامل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *