ايپڪس ڪميٽي سنڌ جو اجلاس، خطرناڪ قيدين کي ڪراچي مان صوبي جي ٻين جيلن ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايپڪس ڪميٽيءَ پنهنجي 20هين اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو آهي ته 270 قيدن بشمول 19 تمام خطرناڪ قيدين کي سينٽرل جيل ڪراچيءَ مان صوبي جي مختلف جيلن ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪندي انهن کي هاءِ سڪيورٽي قيدي ظاهر ڪيو آهي. اجلاس جي صدارت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪئي. اجلاس ۾ ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽننٽ جنرل شاهد بيگ مرزا، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ واضح ڪيو ويو ته ڪراچي سينٽرل جيل ۾ 270 خطرناڪ قيدي آهن جن مان 19 تمام گهڻا خطرناڪ آهن ۽ اهي مختلف طريقن سان پنهنجا نيٽ ورڪ هلائي رهيا آهن. ان صورتحال کي ڏسندي فيصلو ڪيو ويو ته انهن کي ايندڙ ڏهن ڏينهن اندر صوبي جي ٻين جيلن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. وڏي وزير گهرو کاتي کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجا ڪيس ملٽري فورسز کي موڪلي، ان مقصد لاءِ گهرو کاتو ۽ قانون کاتو پنهنجي ڪيسن جي جاچ پڙتال ۽ جائزو وٺڻ بعد ضروري ڪاغذن سان گڏ ملٽري فورس ڏانهن موڪلن. اجلاس ۾ صوبي اندر مدرسن ۾ اضافي تي به غور ڪيو ويو، واضح رهي ته اٽڪل 1000 مدرسا غيرقانوني طور تي سرڪاري زمين تي واقع آهن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انهن 1000 مدرسن جا ڪاغذات / اين او سي وغيره جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي ۽ ڪنهن به مدرسي کي آرٽري / روڊ تي تعمير جي اجازت نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ اها ڳالهه به غور هيٺ آئي ته گذريل ٽن کان چئن سالن دوران 60 مدرسا ٿرپارڪر ۾ تعمير ڪيا ويا جڏهن ته علائقي ۾ آبادي جي اڪثريت هندن جي آهي. اتي اهو سوال پيدا ٿئي پيو ته ٿر ۾ اهي مدرسا ڇو قائم ڪيا پيا وڃن، اهو هڪ سوال طلب معاملو آهي ۽ ان حوالي سان خدشا به آهن، انڪري اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته گهرو کاتو غيرقانوني طور تي تعمير ڪيل مدرسن جي جاچ ڪندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گهوٽڪي ۾ 3 مدرسا آهن جن کي سرڪاري زمين تي غيرقانوني طور تي قائم ڪرڻ تي نوٽيس ڏنا ويا آهن. ايپڪس ڪميٽي ۾ پابندي لاڳو پيل تنظيمون جيڪي نون نالن سان ڪم ڪري رهيون آهن انهن تي به غور ڪيو ويو ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته انٽيليجنس ايجنسين، پوليس ۽ رينجرز اهڙن ڪيسن جي جاچ ۽ ضروري ڪارروائي ڪندي. اجلاس ۾ وڌنڌڙ سائيبر ڪرائم تي به غور ڪيو ويو ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته سائيبر ڪرائم ڪيسن جي جاچ پڙتال ۽ رجسٽرڊ ڪرڻ بابت وفاقي حڪومت/ ايف آءِ اي کان اختيار گهريا وڃن. وڏي وزير چيو ته صوبائي پوليس سيٽ اپ کي رڳو شيڊول ڪيسن جي ضرورت نه آهي پر انهن کي اهڙن ڪيسن تي به ڪم ڪرڻ واري مهارت جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سائيبر ڪرائم ڊيٽيڪشن سسٽم ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته دهشتگردن جو ڊيٽا گڏ ڪيو پيو وڃي. سنڌ پوليس، پنجاب پوليس سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي ۽ ڏهارين جي ريڪارڊ جي شئرنگ ۽ ترتيب ڏنو پيو وڃي. واضح رهي ته ان ڳالهه جو فيصلو 18هين ايپڪس ڪميٽيءَ واري اجلاس ۾ ڪيو ويو هو۔ اجلاس ۾ پوليس جي اهلڪارن جي هلندڙ وڌندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن تي به غور ڪيو ويو. اهو هڪ سنگين مامرو آهي ۽ ان حوالي سان خبرون اينديون رهنديون آهن. وڏي وزير چيو ته لازمي طور تي اهو بند ٿيڻ گهرجي ۽ اتي بهتر طريقي سان ڪم ڪيو وڃي. ان تي اجلاس کي ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي پوليس ٻڌايو ته اهي پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪنگ ۾ ملوث گينگ کي ختم ڪرڻ جي تمام ويجهو آهن. اجلاس ۾ ڪچي وارن علائقن ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن تي به غور ويچار ڪيو ويو، جنهن لاءِ وڏي وزير اڳئي اجازت ڏني آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ان حوالي سان فضائي سپورٽ، اضافي فورس، جيڪا پوليس، رينجرز ۽ آرمڊ فورس اهلڪارن تي مشتمل هجي ان جي مدد ورتي وڃي. ان حوالي سان آپريشن آءِ جي پوليس ۽ ڊي جي رينجرز حتمي شڪل ڏيندا. اجلاس ۾ درگاهه جي سڪيورٽي وارو مامرو به غور هيٺ آيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته حضرت لعل شهباز قلندر ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي درگاهن کي گهربل پوليس فورس جي مقرري ۽ واڪ ٿرو گيٽس ۽ سي سي ٽي وي ڪيميرا لڳائي محفوظ بڻايو ويو آهي. ٻين درگاهه ۾ سڪيورٽي فورس کي بهتر بڻائي وارو عمل جاري آهي. اجلاس ۾ شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي به غور ڪيو ويو ۽ وڏي وزير چيو ته اسٽريٽ ڪرمنلز جو لازمي طورتي خاتمو ٿيڻ گهرجي. هن اي جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته اسٽريٽ ڪرمنلز جي ڪيسن جي حوالي سان چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان ڳالهائي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته انهن جا ڪيس به دهشتگردي وارن عدالتن ۾ هلڻ گهرجن. ان ڪري اي جي سنڌ کي هدف ڏنو ويو ته هُو سنڌ هاءِ ڪورٽ سان ڳالهه ٻولهه ڪري. ڊي جي رينجرز ٻڌايو ته انهن 450 اسٽريٽ ڪرمنلز کي پوليس حوالي ڪيا ۽ پوليس به وڏي انگ ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز کي گرفتار ڪيو آهي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي چيو ته اهو هڪ سنجيده مامرو آهي انڪري ان کي سختي سان منهن ڏنو وڃي. اجلاس ۾ ڪارن، موٽرسائيڪلن ۾ سم لڳائڻ ۽ موبائيل فون ۾ ٽرينگ سسٽم جي ايڪٽيويشن بابت اپائن تي به غور ويچا ڪيو ويو. صوبائي گهرو وزير چيو ته هن منيوفيڪچرز سان ڪيترائي اجلاس منعقد ڪيا آهن ۽ ڪجهه انهن حوالي سان راضپو به ظاهر ڪيو آهي پر اڃا نه انهن کي قائل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيتري حد تائين موبائل فون جي آهي ان ۾ سسٽم موجود آهي ۽ ڳولا ڪري سگهجي ٿي. اجلاس ۾ لينڊ گريبنگ واري مامري تي به غور ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته اهو شهر ۾ هڪ منظم ڏوهه آهي. ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کي اهو هدف ڏنو ويو ته اهي سرڪاري ۽ خانگي ملڪيت کي تحفظ فراهم ڪري ۽ جيڪڏهن هڪ زمين جا ڪيترائي دعويٰ ڪندڙ يا ڪاغذ سامهون اچن ته انهن جي بورڊ آف روينيو جي آٽوميشن برانچ کان ان جي تصديق ڪئي وڃي. اجلاس ۾ 10 وڌيڪ ڪيس بشمول امجد صابري، ملٽري ڪورٽس موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي. انهن ڏهن ڪيسن ۾ عاصم ڪيپري، اسحاق بوبي، سميع الله ۽ ٻيا گروپ نامزد آهن. واضح رهي ته سنڌ حڪومت 90 ڪيس ملٽري ڪورٽس ڏانهن موڪليا آهن جن مان 37 ڪيس ملٽري ڪورٽس ۾ هلي رهيا آهن، جن مان 21 ڪيسن ۾ سزا ملي چڪي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت جي سفارش تي گهرو وزارت 69 تنظيمن کي شيڊول ون ۾ رکيو آهي. صوبائي حڪومت 573 ماڻهن کي شيڊول فور ۾ رکيو آهي. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته فورٿ شيدول تي ان جي اصل روح موجب عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. فورٿ شيڊولرز کي گهرجي تي اهي قانون تي عمل ڪن جنهن لاءِ پوليس اسٽيشن کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 7095 افغان پناهه گيرن کي واپس موڪليو ويو آهي، 3135 غيرقانوني افغانين خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، 5073 غيرقانوني طور ترسيل افغانين کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ 888 افغانين کي ڊي-پورٽ ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *