ڊاڪٽر عاصم جي آزادي سان انتقامي سياست کي شڪست ملي: آصف علي زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري پيٽروليم بابت اڳوڻي صلاحڪار ڊاڪٽر عاصم حسين کي سندس آزادي تي واڌايون ڏنيون آهن. آصف علي زرداري ڊاڪٽر عاصم کي واڌايون ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر عاصم بي بنياد ڪيس جو وڏي جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو. سندس آزادي تي واڌايون پيش ڪيان ٿون. هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر عاصم حسين جي آزادي سان انتقامي سياست کي شڪست ملي آهي. ٻئي طرف اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پارا چنار ۾ دهشتگرداڻي ڪارروائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. آصف زرداري ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي زخمين ۽ مارجي ويلن جي وارثن سان ڏک، افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته معصوم انسانن کي نشانو بڻائيندڙ معافي جي لائق ناهن. پارٽي جا سمورا ڪارڪن ڌماڪي ۾ زخمي
ٿيلن جي زندگي بچائڻ جي لاءِ رت جو عطيو ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *