سکر ڊرينيج جي پاڻيءَ کي ٽريٽيمينٽ بعد واهن ۽ درياهه ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي: خورشيد شاه

سکر(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيپڪو چيف کي شهري سهولتن جي ادارن جي بجليءَ نه ڪاٽڻ ۽ ڏينهن جي وقت لوڊ شيدنگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پ پ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه سکر ضلعي جي مختلف ترقياتي اسڪيمن جي رفتار ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان ڪمشنر هائوس ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر سکر رحيم بخش ميتلو ۽ سيپڪو چيف ايگزيڪيوٽو بلال حسنين ڀٽي سميت مختلف لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي سيد خورشيد احمد شاهه انتظاميه کي هدايت ڪئي ته پراڻي سکر جي سمورن چوڪن تان حددخليون ختم ڪيون وڃن ته جيئن شهرين کي ڪنهن به تڪليف جو منهن ڏسڻو نه پوي. هن چيو ته ميونسپل قانون تي عمل ڪندي سکر شهر مان ٦۲ واڙن کي منتقل ڪيو وڃي، ته جيئن شهر مان بيماريون ختم ٿين ۽ ڊرينيج جو نظام بهتر ٿي سگهي. هن هدايت ڪئي ته سکر جي ڊرينيج جي پاڻيءَ کي ٽريٽيمينٽ بعد واهن ۽ درياهه ۾ ڇوڙ ڪرايو وڃي، جڏهن ته گندگي جي ڍيرن کي شهر کان ٻاهر لينڊ فلس سائيڊ ٺاهڻ ۽ اسپتالن جي گند ڪچري کي ختم ڪرڻ جي اسڪيمن لاءِ پي سي ون ٺاهي وڃي. هن چيو ته پبلڪ هيلٿ آفيسرن کي ٽيڪنيڪل ڄاڻ نه آهي، ان لاءِ وڏن پراجيڪٽس تي ڪنسلٽنٽس مقرر ڪيا وڃن ۽ وڌندڙ آباديءَ کي ڏسندي مستقبل جي پلاننگ ڪئي وڃي ۽ پي سي ون ٺاهڻ وقت ٻهراڙين جي آبادي شهرن ڏانهن منتقل ٿيڻ کي به نظر ۾ رکيو وڃي. هن لاڳاپيل انجنيئر کي هدايت ڪئي ته ۲۰ ڪروڙن جي لاڳت سان هلندڙ پنوعاقل جي ڊرينيج اسڪيم تي ڊرينيج جي ليول کي برقرار رکيو وڃي ۽ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ کان اڳ سوائل ٽيسٽ کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته ڊرينيج لائين جي هر اٺين مين هول تي ڪيچ مينٽ ايريا ٺاهي وڃي ۽ اتي زهريلي گئس ٻاهر ڪڍڻ جو پائيپ پڻ لڳايو وڃي ته جيئن صفائي ڪندڙ عملي جي جان جو تحفظ ڪري سگهجي. هن لاڳاپيل عملدارن کي اها به هدايت ڪئي ته پيور جو ريٽ ۱٦۰ رپين کان وڌيڪ ڪنهن کي به نه ڏنو وڃي. اپوزيشن ليڊر خورشيد احمد شاهه سيپڪو چيف کي هدايت ڪئي ته شهري سهولتن وارن ادارن جي بجلي ڪاٽڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ڏينهن جي وقت بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته گرميءَ جي شدت وڌيڪ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *