ڊاڪٽر عاصم 17 مهينن تائين بهادري سان ذهني اذيتون برداشت ڪيون: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري پيٽروليم بابت اڳوڻي صلاحڪار ڊاڪٽر عاصم حسين کي ڪرپشن ۽ ٻين ڪيسن مان آزادي ملڻ تي مبارڪ واڌايون پيش ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم حسين 17 مهينن تائين بهادري سان ذهني ۽ جسماني اذيتون برداشت ڪيون. ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪوڙا ۽ پاڻ مرادا ڪيس ڊاڪٽر عاصم کي ٽوڙي نه سگهيا، ڊاڪٽر عاصم ڪمزور صحت جي باوجود ڏکين حالتن کي بهادري سان منهن ڏنو، وفاقي حڪومت انتقامي ڪارروائين سان اسان کي ڊيڄاري نٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته پ پ قيادت ۽ ڪارڪنن ماضي ۾ خوفناڪ آمريتن جو مقابلو ڪيو، اسان جي قيادت ۽ ڪارڪن قرباني ڏئي تاريخ ۾ هيرو بڻجي ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *