گوندا جو فلم ”آگيا هيرو“ سان ٻيهر وڏي پردي تي واپسي جو فيصلو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ۽ بهترين ڊانسر گووندا هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اسڪرين تي واپسي ڪري رهيو آهي. گووندا وڏي اسڪرين تان گم ٿيڻ کانپوءِ سياست ۾ قدم رکيو هو پر ڪجهه عرصي کانپوءِ هن فيصلو ڪيو ته بالي ووڊ ئي سندس پيشو آهي. هو ڊگهي عرصي کانپوءِ فلم انڊسٽريءَ ۾ واپسي ڪري رهيو آهي. گووندا آخري ڀيرو ”ڪل دل ۽ هيپي اينڊنگ“ ۾ نظر آيو هو، جڏهن ته هاڻ هو ديپنڪر سيناپتي جي هدايتڪاريءَ هيٺ ٺهندڙ فلم ”آگيا هيرو“ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *