ويسٽ انڊيز جي دوري دوران سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس: فخر زمان

لاهور (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ جڳهه ٺاهيندڙ نوجوان بيٽسمين فخر زمان چيو آهي ته مان سليڪٽرن جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس پنهنجي هڪ بيان ۾ نوجوان بيٽسمين فخر زمان جو چوڻ هو ته مان ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ ٽيم ۾ شامل ٿيڻ مون لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، پاڪستان طرفان کيڏڻ مون لاءِ هڪ خواب جيان هو، جيڪو پورو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پي ايس ايل ۾ عالمي ڪرڪيٽرن سان گڏ کيڏي ڏاڍو فائدو پهتو آهي، ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ سخت محنت ڪري رهيو آهيان.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *