ڪاميابي ۽ ناڪامي کي پنهنجي مٿي تي سوار ناهيان ڪندي: انوشڪا شرما

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما چيو آهي ته مان ڪاميابي ۽ ناڪامي کي پنهنجي مٿي تي سوار ناهيان ڪندي. هڪ انٽرويو ۾ انوشڪا شرما جو چوڻ هو ته مان 2008ع ۾ فلم”رب ني بنا دي جوڙي“ ذريعي بالي ووڊ ڪيريئر جي شروعات ڪئي، اهو ڪڏهن به نه سوچيو نه هو ته 19 ورهين جي عمر ۾ اداڪارا بڻجي وينديس، 20 ورهين جي عمر ۾ منهنجي پهرين فلم رليز ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ انوشڪا شرما چيو ته مان 25 سالن جي عمر ۾ فلم پروڊڪشن ۾ قدم رکيو ۽ ڪامياب فلمون ٺاهيون، ڇو ته مان لاڳيتو اڳتي وڌڻ تي يقين رکندي آهيان.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *