لاهور (شوبز نيوز) قوالي ۾ مهارت رکندڙ ۽ قوالي جي ذريعي پوري دنيا ۾ پنهنجو ڪم مڃرائيندڙ استاد نصرت فتح علي خان،جنهن جو اڄ68 هون جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي،نصرت فتح علي خان 13 آڪٽوبر 1948ع ۾ فيصل آباد ۾ اک کولي.هن پنهنجي پهرين پرفارمنس 1971ع ۾ پنهنجي پيءُ جي چاليهي جي موقعي تي ڏني،جڏهن سندس عمر 16 سال هئي.هن پوري دنيا ۾ پنهنجي فن کي مڃرايو ۽ پاڪستان جو نالو آسمان جي ستارن ۾ لکرايو.کيس تمغائي برائي حسن ڪارڪردگي پڻ مليو،استاد نصرت فتح علي خان 16 آگسٽ 1997ع ۾ لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري ويو پر سندس قواليون، اڄ به ان ئي چاهه سان ٻڌيون وڃن ٿيون،نصرت فتح علي خان قوالي کي هڪ نئون رنگ ۽ انداز پڻ ڏنو،سندس ڪيتريون ئي قواليون،غزل،مشهور ٿيا،جيڪي اڄ به کيس چاهيندرن جي دلين ۾ ڌڙڪن ٿا.