قومي وومين فٽبال ٽيم جي رانديگرياڻي شاهه لائلا بلوچ حادثي ۾ فوت

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي وومين فٽبال ٽيم جي رانديگرياڻي شاهه لائلا احمد زئي بلوچ دو دريا جي ويجهو ڪار حادثي ۾ فوت ٿي وئي. ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي اسٽرائيڪر شاهه لائلا احمد زئي بلوچ گذريل رات پنهنجن دوستن سان گڏ وڃي رهي هئي ته دو دريا ويجهو ان جي ڪار سان حادثو ٿي پيو، حادثي ۾ شاهه لائلا کي سخت ڌڪ رسيا، هن کي خانگي اسپتال پهچايو ويو، پر  هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي. اسٽار فٽبالر جي لاش قلات پهچائي ويندي، جتي ان کي اباڻي علائقي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *