شاهه رخ ۽ انوشڪا جي نئين فلم جو پهريون ڏيک ڏسي چاهيندڙ ڇرڪجي ويا

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق شاهه رخ خان ۽ اداڪارا انوشڪا شرما امتياز علي جي فلم“دي رنگ” ۾ گڏ ٻيهر چاهيندڙن جون دليون کٽيندا،پر هنن ٻنهي جي هن نئين فلم جي پهرين ڏيک ماڻهن کي ڇرڪائي ڇڏيو. اداڪار سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ايندڙ فلم“دي رنگ” جي شوٽنگ  وقت پنهنجي ۽ انوشڪا جي هڪ اهڙي تصوير ونڊ ڪئي،جنهن ۾ ٻئي اداڪار اسڪار فس،ڪيپ ۽ پنهنجي پاڻ کي پورو ڍڪي بلڪل ننجا جيان نظر ٿي آيا.شاهه رخ ٽوئٽر نياپي ۾ چيو آهي ته اهو امتياز علي جي فلم دي رنگ جو پهريون نظارو آهي،جيڪا نه ئي ڀوائتي فلم آهي نه وري پيار محبت پر هن ۾ رڳو ڏسندڙن جا ڇرڪ نڪرندا اها اسان جي دعويٰ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *