لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي سليڪشن ڪميٽي جي چيف سليڪٽر انضمام الحق جو چوڻ آهي ته انگلينڊ خلاف سيريز جي لاءِ ٽيم جو اعلان ڪرڻ کان پهرين هو رانديگرن جي فٽنس جو جائزو وٺڻ چاهي ٿو. امڪان آهي ته لاهور۾ 29مئي تي رٿيل قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪيمپ دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪيو ويندو، جڏهن ته ايبٽ آباد ۾جاري بوٽ ڪيمپ جي پڄاڻي 27 مئي تي ٿيندي. لاهور ۾ رٿيل ڪيمپ کي رمضان شريف جي شروع ٿيندي ئي ختم ڪيو ويندو. انضمام الحق گذريل ڏينهن لاهور ۾ جاري پاڪستان اي ٽيم جي تريبتي ڪيمپ ۾ شامل رانديگرن جي ڪارڪردگي جوجائزو ورتو.