اوپن دي نائس ٽينس: اعصام الحق پهرين ئي رائونڊ ۾ ايونٽ کان ٻاهر

پيرس (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽينس اسٽار اعصام الحق قريشي اوپن دي نائس ٽينس ٽورنامينٽ مينز ڊبلز مقابلن جي پهرين رائونڊ ۾ ئي شڪست کانپوءِ ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويو آهي. فرانس ۾ جاري ايونٽ ۾ مينز ڊبلز جي پهرين رائونڊ ميچ ۾ گوئلر موڊيورن ۽ اينڊرس مولٽيني جي مشتمل ارجنٽائن جوڙي بهترين ڪاڪردگي جو مظاهرو ڪندي اعصام الحق ۽ سندس ساٿي رانديگر رابن هاس کي اسٽريٽ سيٽن ۾ 3-6 ۽ 4-6 تان شڪست ڏئي ايونٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *