فاروق ستار جي اڳوڻي ڪوآرڊينيٽر جو موت، آرمي چيف جاچ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو

ڪراچي/راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف فاروق ستار جي اڳوڻي ڪوآرڊينيٽر آفتاب احمد جي موت جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف فاروق ستار جي اڳوڻي ڪوآرڊينٽر آفتاب احمد جي موت جي جاچ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آرمي چيف آفتاب احمد جي موت جي حوالي سان حقيقتون سامهون آڻڻ ۽ انصاف جا سمورا تقاضا پورا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ان کان اڳ ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر جي هدايت تي آفتاب احمد جي موت جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي ويئي آهي. جاچ ڪميٽي جي سربراهي رينجرز سيڪٽر ڪمانڊر ڪندو جيڪو جلد ئي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ ڊي جي رينجرز کي پيش ڪندو رينجرز ترجمان موجب واقعي ۾ امڪاني طور ملوث اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي. جلد کان جلد سيڪٽرز ڪمانڊر جاچ کي مڪمل ڪري حقيقتون سامهون آڻيندو واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ رينجرز جي تحويل ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ فاروق ستار جو اڳوڻو ڪوآردينيٽر آفتاب احمد فوت ٿي ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *