چين ۽ پاڪستان وچ ۾ تعليم جي شعبي ۾ سهڪار سان تعليم کي وڌيڪ هٿي ملندي: قائم علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جي تعليمي ادارن وچ ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ سهڪار سان ٻنهي ملڪن ۾ تعليم کي وڌيڪ هٿي ملندي، اهڙن خيالن جو اظهار هنگذريل ڏينهن سنڌ مدرست الاسلام يونيورسٽي جي احتمام هيٺ منعقد ڪيل سنڌ حنان يونيورسٽي فورم جي پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت گذريل 7 سالن ۾ صوبي ۾ 10 کان وڌيڪ سرڪاري يونيورسٽيون قائم ڪيون ۽ انهن کي تمام سهولتون فراهم ڪيون ويون، هن چيو ته پاڪ چين دوستي جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو هو جنهن تحت چين ۽ آمريڪا کي به هڪٻئي جي ويجهو آندو هو، قائم علي شاهه چيو ته هن ڪيترائي ڀيرا چين جي زرعي يونيورسٽين جو دورو ڪيو ۽ ان جي ماهرن سان صوبي جي زرعي ترقي لاءِ مشورا ڪيا، ڇاڪاڻ ته سنڌ هڪ زرعي معاشرو آهي، هن چيو ته چين جي مدد سان اڄ اسان زرعي پيداوار حاصل ڪري رهيا آهيون، ڪڻڪ، ڦٽيون ۽ چانورن ۾ نه صرف خود ڪفيل آهيون پر انهن کي ٻاهر موڪلي به ناڻو ڪمائي رهيا آهيون، اجلاس ۾ نثار کهڙي، يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر محمد علي شيخ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *