اسلامآباد(اي پي پي) وفاقي حڪومت اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ فوري طور تي ٽن سالن لاءِ 8 ڊائريڪٽرز مقرر ڪري ڇڏيا آهن. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل هڪ بيان مطابق اسٽيٽ بئنڪ جي بورڊ لاءِ جن ڊائريڪٽرز کي مقرر ڪيو ويو آهي انهن ۾ ڊاڪٽر طارق حسن، حافظ محمد يوسف، زبير سومرو، خواجه اقبال حسن، ظفر مسعود، اردشير خورشيد مارڪر، محمد رياض ۽ سرمد امين شامل آهن.