نيب بابت مشاورت سان اهڙو نظام بنائڻ گهرجي جنهن سان ڪرپٽ بچي نه سگهي ۽ بيگناهه جو پٽڪو رلي نه سگهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته نيب جي حوالي سان مشاورت سان اهڙو نظام ٺاهڻ گهرجي جنهن سان ڪرپٽ بچي نه سگهي ۽ ڪنهن بيگناهه جو پٽو روليو نه وڃي خميس تي قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي عمران ظفر لغاري پاران نيب جي ڪارڪردگي بابت ٿيندڙ بحث ختم ڪندي هن چيو ته بحث ۾ اٿاريل نقطا توجهه جي قابل آهن ايوان کي ان تي ضرور غور ڪرڻ گهرجي هڪ ميمبر چيوت ه احتساب ۾ ڪنهن جو پٽڪو نه رولڻ گهرجي پر هڪٻئي ميمبر ڪنهن جو پٽڪو لاهڻ کان پاسو ناهي ڪيو ڪي پي ڪي حڪومت پنهنجي ئي جوڙيل احتساب قانون کي تبديل ڪيو جنهن تي ان تي تنقيد به ڪئي ويئي اڳوڻي وزيراعظم ظفرالله جمالي جن معاملن طرف ڌيان ڏياريو آهي ان تي غور ۽ فڪر ٿيڻ گهرجي ماضي ۾ احتساب جي نالي تي پارٽيون ٽوڙي ۽ نيون پاڙتيون بڻايون ويون احتساب جي حوالي سان سٺي ۽ خراب ٻنهي قسمن جي ڪاڪردگي موجود آهي چيئرمين نيب جي مقرري حڪومت ۽ اپوزيشن جي مشاورت سان ٿي هو پاڻ چئي چڪا آهن ته نيب بابت جائز شڪايتن جو ازالو ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *