آصف زرداري وطن واپسي لاءِ آرمي چيف جي رٽائرڊ ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي: ڊاڪٽر زوالفقار مرزا

بدين (اين اين آءِ) سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ۽ پ پ پ باني اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو اهي ته آصف زرداري آرمي چيف جي رٽائرڊ ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي ان جي رٽائرڊ ٿيندي ئي هو به واپس اچي ويندو بدين ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ذوالفقار مرزا چيو ته جيستائين پ پ پ عوامي جماعت هئي اهو به پارٽي سان گڏ هو پر جڏهن پ پ پ سنڌ جو وڪرو شروع ڪيو ته هو ان جي خلاف اٿي بيٺو آصف زرداري پنهنجي بيان سبب ملڪ کان ٻاهر آهي ۽ آرمي چيف جي رٽائرڊ ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي ذوالفقار مرزا چيو تها ندرون سنڌ ۾ به اردو ڳالهائيندڙن جو وڏو انگ موجود آهي جنهن کي نطرادناز نٿو ڪري سگهجي هن پهريان تجويز ڏني هئي ته ايم ڪيو ايم ۾ موجود سٺن ماڻهن کي الڳ ڪيو وڃي مصطفيٰ ڪمال جي ۽ انهن جي ساٿين جي ايم ڪيو ايم کان علحيدگي خوش آئيند آهي جيڪڏهن مصطفيٰ ڪمال ايئن ئي رهيو ته ان جو مستقبل روشن آهي ۽ جيڪڏهن هن به قوم سان غداري ڪئي ته ان جو حشر به ايم ڪيو ايم جي اڳاوڻ جهڙو ٿيندو هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال ان جي پراڻي پريس ڪانفرنس ٻڌي ان مان اهم نقطا ڪڍي ڳالهائي ٿو ان لاءِ مون کي به سٺو لڳي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *