پاڪستان کي اڳيان کڻي هلڻو آهي ته پنجاب کي قرباني ڏيڻي پوندي، اقتصادي راهداري رٿا کي مڪمل ٿيڻ گهرجي: مير ظفرالله جمالي

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعطم مير ظفرالله خان جمالي چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان کي اڳيان کڻي هلڻو آهي ته پنجاب کي قرباني ڏيڻي پوندي اڄ به ان حق ۾ آهيان ته انتظامي بينجادن تي صوبن جو انگ 12 ڪيو وڃي وزيراعظم طور ان تي پيپر ورق تيار ڪيو هو پر ان کان پوءِ منهنجي خلاف پروپيگنڊا شروع ڪيو ويو بلوچستان جو عوام محب وطن آهي خدا جي واسطي ان کي گاريون ڏيڻ جو سلسلو بند ۽ غدار چوڻ جي روايت ختم ٿيڻ گهرجي اهرن خيالن جو اظهار هن سماجي اڳواڻ اڪرم چوڌري جي رهائشگاهه تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو مير ظفرالله خان جمالي چيو ته پنجاب پاڻ کي وڏو ڀاءُ چوي ٿو ته ان کي پاڪستان کي اڳيان کڻي وڃڻ لاءِ قرباني ڏيئي ان کي ثابت به ڪرڻو پوندو هاڻي ان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ان ننڍن صوبن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪرڻو آهي هن چيو ته بلوچن کي پاڪستان سان ايتري محبت آهي ايتري ڪنهن ٻئي صوبي جي فرد کي آهي ڇو ته پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري رٿا پاڪستان لاءِ سٺو سوڻ آهي اهڙي ڊگهي مدي منصوبن جا معاهده ڪندڙ ڪي ٻيا ۽ انهن کي مڪمل ڪرڻ وارا ڪي ٻيا ماڻهو هوندا هن منصوبي کي ضرور مڪمل ٿيڻ گهرجي هن چيوت ه مان اڄ به سمجهان ٿو ته پاڪستان جي مسئلن جو حل انتظامي بنيادن تي صوبن کي ننڍو ڪرڻ ۾ آهي ۽ هي تعداد 12 ڪيو وڇي مان وزيراعطم طور پيپر ورق ڪيو هو پر ان کان پوءِ منهنجي خلاف پروپئگڊا شروع ڪئي ويئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *