مذهبي پارٽين حڪومت کي عورتن جي تحفظ وارو قانون واپس وٺڻ لاءِ ڊيڊلائن ڏئي ڇڏي

لاهور(م.ڊ) ملڪ جي مختلف مذهبي پارٽين حڪومت کي پنجاب ۾ عورتن جي تحفظ وارو لاڳو ڪيل قانون واپس وٺڻ لاءِ 27 مارچ جي ڊيڊلائن ڏني آهي، لاهور ۾ جماعت اسلامي جي مرڪز منصوره ۾ مذهبي پارٽين جي ٿيل اجلاس ۾ عورتن جي تحفظ واري بل بابت گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب ۾ عورتن جي تحفظ وارو لاڳو ڪيل قانون 27 مارچ تائين واپس ورتو وڃي، جڏهن ته 2 اپريل تي اسلام آباد ۾ عالمن ۽ مشائخن جي ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي، جنهن ۾ ايندڙ حڪمت عملي ۽ تحريڪ جو اعلان ڪيو ويندو،پڌرنامي ۾ چيو ويو ته وياج وارن قانونن جو خاتمو آڻي ملڪي معيشت کي ان نظام کان پاڪ ڪيو وڃي، ڊاڪٽر عافيا صديقي جي آزادي لاءِ حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري، جڏهن ته دهشتگردي جو مڪمل خاتمو سڀني جو گڏيل مطالبو آهي، پڌرنامي ۾ چيو ويو ته مددرسن ۽ مسجدن تي لاڳو ڪيل اجائي پابنديون ختم ڪيون وڃن ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان جي سڀني شقن تي عمل ڪيو وڃي، اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان عورتن جي تحفظ واري بل کي پوري ريت رد ڪيون ٿا ، ان حوالي سان حڪومت سان وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڌار ڌار ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته پنجاب حڪومت سان عورتن جي تحفظ ۽ وفاقي سرڪار سان مشرف دور ۾ منظور ڪيل بل تي ڳالهايو وڃي. اجلاس کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل عورتن جي تحفظ واري بل کي آئين ۽ شريعت جي خلاف قرار ڏنو، جماعت اسلامي جي مرڪزي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته اسان مالي ڪرپشن جو پٽڪو پٽي رهيا هئاسين پر  حڪمرانن نظرياتي ڪرپشن تي هلڻ شروع ڪيو آهي،پنجاب حڪومت پنهنجي عددي گهڻائي ۽ تڪبر جي بنياد تي عورتن جي تحفظ وارو بل منظور ڪرايو، هن چيو ته جن ماڻهن پاڪستان ٺاهيو، اهي اسلامي پاڪستان لاءِ جاکوڙ ڪري رهيا هجئا، سندس چوڻ هو ته اسان عورتن تي هر قسم جي تشدد جي خلاف آهيون پر هي بل تشدد جي خاتمي لاءِ نه پر ڪٽنبي نظام جي بربادي لاءِ آهي، سراج الحق چيو ته اسان کي دنيا کي اهو نياپو نه ڏيڻ گهرجي ته هي عورتن ۽ عالمن جو جهيڙو آهي، ڇو ته هي عورتن جي حقن تي ڌاڙو آهي ۽ حڪومت رڳو اولهه کي خوش ڪرڻ چاهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *