پاڪستان آمريڪا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي: صدر

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان لاءِ آمريڪا جي نامزد سفير ڊيوڊ ايم هيل صدر ممنون حسين کي پنهنجا سرٽيفڪيٽ ايوان صدر ۾ پيش ڪيا، سفير صدر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي بحث ڪيو ويو، صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان آمريڪا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ ان جي خاتمي لاءِ پاڪستان بين الاقوامي برادري سان ڀرپور تعاون ڪري رهيو آهي، هن چيو ته آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ ٿيندڙ ڪارروايون آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهنديون، واضح رهي ته سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻ جون تقريبون قومي زبان اردو ۾ ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *