جوڊيشل ڪميشن خلجي عارف حسين ۽ طارق پرويز جي سپريم ڪورٽ ۾ بطور ايڌهاڪ جج مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

لاهور (اين اين آءِ) چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس انور ظهير جمالي جي اڳواڻي ۾ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ڪميشن جي ميمبرن، سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس ميان ثاقب نثار، جسٽس آصف سعيد خان کوسو، جسٽس امير هاني مسلم، جسٽس اعجاز افضل خان، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس انور خان، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو سينيئر جج نور الحق قريشي، وفاقي قانون جي وزير پرويز رشيد، اٽارني جنرل ۽ ميمبر پاڪستان بار ڪونسل ياسين آزاد ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڪيل تنظيمن جي نمائندن اڳوڻي جج طارق پرويز ۽ خلجي عارف حسين جي بطور ايڌهاڪ ججز سپريم ڪورٽ مقررين جي نامزدگي پيش ڪرڻ تي اختلافي نوٽ جمع ڪرائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ اهو اصول طئه ڪري چڪي آهي ته ايڌهاڪ جج مقرر نٿا ڪري سگهجن ان سان عدليه جو تاثر متاثر ٿيندو، چيف جسٽس انور ظهير جمالي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 182 سپريم ڪورٽ کي اهو اختيار آهي ته ضرورت مطابق ايڌهاڪ جج مقرر ڪري سگهي، جوڊيشل ڪميشن خلجي عارف حسين ۽ طارق پرويز جي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ هڪ سال لاءِ بطور ايڌهاڪ جج اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لاءِ محسن ڪياني ۽ اورنگزيب خان کي بطور ايڊيشنل جج، جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل جج عامر فاروق کي بطور پڪو ڪرڻ جي سفارش ڪئي، جوڊيشل ڪميشن جون سفارشون اڄ پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪليون وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *