ڪراچي(اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نواب شاهه زرداري هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي پورهئي بابت صلاحڪار اصغر علي خان جوڻيجو ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر روشن جوڻيجو سميت سانگهڙ ضلعي جي نمائندن سان ملاقات ڪئي. آچرتي جاري ڪيل پڌرائي مطابق ملاقات ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ مڪانيچونڊن تي خيالن جي تفصيلي مٽا سٽا ڪئي وئي. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار اصغر علي خان جوڻيجو ۽ روشن جوڻيجو بلاول ڀٽو زرداري کي مڪاني چونڊن تي بريفنگ ڏني. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مڪاني چونڊن لاءِ روشن جوڻيجو ۽ اصغر علي خان جوڻيجو طرفان ڪيل ڪم جي واکاڻ ڪئي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو.