بلاول ڀٽو زرداري جي سانگهڙ ضلعي جي نمائندن سان ملاقات، سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي(اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نواب شاهه زرداري هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي پورهئي بابت صلاحڪار اصغر علي خان جوڻيجو ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر روشن جوڻيجو سميت سانگهڙ ضلعي جي نمائندن سان ملاقات ڪئي. آچرتي جاري ڪيل پڌرائي مطابق ملاقات ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ مڪانيچونڊن تي خيالن جي تفصيلي مٽا سٽا ڪئي وئي. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار اصغر علي خان جوڻيجو ۽ روشن جوڻيجو بلاول ڀٽو زرداري کي مڪاني چونڊن تي بريفنگ ڏني. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مڪاني چونڊن لاءِ روشن جوڻيجو ۽ اصغر علي خان جوڻيجو طرفان ڪيل ڪم جي واکاڻ ڪئي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *