اين اي 122 ۾ اليڪشن ڪميشن ڪٿي نظر نه آيو، صرف نوٽيس ڏئي رهيو آهي: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه اليڪشن ڪميشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اين اي 122 ۾ اليڪشن ڪميشن ڪٿي نظر نه آيو، اليڪشن ڪميشن صرف نوٽيس ڏئي رهيو آهي، نوٽيس نه پر ايڪشن نظر اچڻ گهرجي، سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اين اي 122 ۾ اليڪشن ڪميشن لاچاري جو اظهارڪيو آهي، هڪ پاسي وزير اعلان ڪندا رهيا ته ٻئي پاسي پيسي جو استعمال ٿيو، هن چيو ته اليڪشن نالو ئي رابطي ۽ ماحول بڻائڻ جو آهي، جڏهن ماحول جڙي ٿو تڏهن ماڻهو ووٽ وجهڻ لاءِ نڪرن ٿا، هن چيو ته پهرين ڏينهن کان ان جو ڪائل هيس ته ايم ڪيو ايم جي پارليامينٽ ۾ واپس اچڻ گهرجي، سنڌ حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم جيواپسي جو فيصلو سي اي سي جي اختيار ۾ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *