راولپنڊي (م.ڊ) آئي ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان جنرل تان سري داتو راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾، بچاءُ، تربيت ۾ سهڪار تي گڏيل خيالن جو اظهار ڪيو ويو.ملاقات ۾ خطي جي سيڪيورٽي جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.ملائيشيا جي آرمي چيف آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابين ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين جي به واکاڻ ڪئي، ملائيشيا جي فوجي سربراهه کي گارڊ آف آرنر به پيش ڪيو ويو.