ڪراچي جي 400 نه پر 70 ڳوٺن جي ليز رد ڪئي وئي  آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪراچي جي 400ڳوٺن جي ليز رد ڪرڻ وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته 400 نه پر 70 ڳوٺن جي ليز رد ڪئي وئي آهي سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي جي 400ڳوٺن  جي ليز رد ڪرڻ واريون خبرون غلط آهن. هن چيو ته ڪراچي جي 400ڳوٺن جي نه پر  70 ڳوٺن جي ليز رد ڪئي وئي  آهي۽ ڊي سي ملير کي ڳوٺن جي ٻيهر سروي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وڏي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هنن ڪراچي جي ڳوٺن جي ماضي ۾  حفاظت ڪئي ۽ مستقبل ۾ به  ڪندا رهندا. ڪجهه ڏينهن اڳ وڏي وزير ڪراچي جي ڀٽائي آباد ۽ غازي ڳوٺ سميت 70 ڳوٺن جي ليز رد ڪئي هئي، جنهن سبب انهن ڳوٺن جا  لکين  رهواسي  پريشان آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *