وفاقي حڪومت سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ واپڊا ذريعي دٻاءُ وجهي رهي آهي: نثار کهڙو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ  جي اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ پاران ڪارڪنن کي مڪاني چونڊن ۾ ووٽ ڏئي پارٽيءَ کي سرخرو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، مڪاني چونڊن ۾ وفاقي حڪومت ٺٽي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي خلاف واپڊا کي استعمال ڪري رهي آهي ۽ عوام پاران بل ڀرڻ جي باوجود ڄاڻي واڻي ڳوٺن جا ڳوٺ بجلي ڪٽي پئي وڃي ۽ عوام تي دٻاءُ وڏو پيو وڃي ته مڪاني چونڊن ۾ ووٽ ڏيو ته بجلي ملندي. پر مخالفن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته  کين نه ووٽ واپڊا جي زيادتين جي ڪري ملندا نه ئي واپڊا کي استعمال ڪري ووٽ وٺي سگهن ٿا. اليڪشن ڪميشن جيئن چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جي سلسلي ۾وزيراعظم ڪسان پيڪيج کي رد ڪيو تئين سنڌ ۾ واپڊا جي زيادتين جو پڻ نوٽيس ورتو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت ۾ ٺٽي ۽ سجاول ضلعي جي پارٽي اڳواڻن جي اجلاس کان پوءِ پي پي ميڊيا سيل تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ طرفان اليڪشن ڪميشن جي راهه م ڪي به رڪاوٽون نه پيون وڌيون وڃن پر جيڪڏهن ڪنهن ٻئي پاران رڪاوٽون وڌيون ويون ته سنڌ ان تي احتجاج ڪندي ۽ ڪنهن کي اليڪشن ڪميشن جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته سول حڪومت تي مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ جو صرف الزام آهي ، سنڌ حڪومت جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي ۽ سنڌ ته واحد صوبو آهي جنهن بلدياتي قانون جوڙيو هو پر ٻين جماعتن عدالت ۾ وڃي چونڊن چونڊن ۾ رخنو وڌو. هن چيو ته مڪاني چونڊن جو شيڊول اچڻ ۽ نامزدگي ڪاغذ ڀرڻ واري عمل دوران عدالت پاران اليڪشن ڪميشن کي نيون تڪبنديون ڪرڻ واري ڏنل فيصلو چونڊن ۾ رخنو آهي ان ڪري عدالت جي ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويندو ۽ اميد آهي ته سپريم ڪورت مڪاني چونڊن کي ضايع ٿيڻ نه ڏيندي ۽ اسين چاهينداسين ته مڪاني چونڊن متاثر نه ٿين. هن چيو ته جن جماعتن کي مڪاني چونڊن ۾ شڪست نظر اچي رهي آهي اهي پيپلزپارٽيءَ تي لين دين ڪري اميدوارن کي هٿ کڻائڻ جا الزام هڻي رهيون آهن، مخالف ڀلي الزام هڻن پيپلز پارٽي عوام جي ووٽ سان چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندي. هن چيو ته وحيده شاهه کي پولنگ اسٽيشن ۾ بدتميزي ڪرڻ تي نااهل قرار ڏنو ويو هو پر عمرڪوٽ ۾ هڪ  ايم اين اي نند لال مالهيءَ پاران آر او جي آفيس ۾ گنڊا گردي ڪي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي آهي ۽ آر او پاران پڻ نند لال مالهيءَ تي ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پر اڃان تائين کين نااهل ڇو نه ٿو ڪيو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته نند لال مالهيءَ کي پڻ نااهل قرار ڏنو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ نثار احمد کهڙو چيو ته آمر جنرل پرويز مشرف شهيد بينظر قتل ڪيس مان الڳ نه ٿو ٿي سگهي ، 18 آڪٽوبر واري جاءِ واردات کي هڪ ڪلاڪ اندر ڌوئي صاف ڪيو ويو ۽ ان وقت ته اسان جي ايف آءِ ر به داخل نه ڪئي وئي هئي ۽ 27 ڊسمبر  جي جاءِ واردات صاف ٿيڻ  تي خبر نه هجڻ بابت پرويز مشرف معافي گهري هئي. هن چيو ته 7 سالن کان بينظير ڀٽو قتل ڪيس هلي رهيو آهي ۽ عدالت کي حق آهي ته عدالت گواهيءَ تي پنهنجو فيصلو ٻڌائي ۽ هاڻي بال عدالت جي ڪورٽ ۾ آهي ۽ اميد آهي ته عدالت بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ انصاف ڀريو فيصلو ڏيندي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ محترم عدالت ته ڀٽو ريفرنس ڪيس تي به خاموش رهي جڏهن ان وقت صدر آصف علي زرداريءَ عدالت ڏانهن ڀٽو ريفرنس ڪيس ٻڌڻ لاءِ موڪليو هو پر ارسلان کي بچائڻ لاءِ ته فيصلو ڏنو ويو هو پر ڀٽو ريفرنس ڪيس تي ڪو به فيصلو نه آيو ۽ هاڻي عدالت مان بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي بهتر فيصلي جي اميد آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي پهريان ئي استعيفائون نه ڏيڻ گهرجن ها ڇاڪاڻ ته استعيفائون احتجاجي طور تي نه پر واليونٽيري ٿينديون آهي ان ڪري سينيٽ چيئرمين پنهنجي رولنگ ۾ ايم ڪيو ايم جون استعيفائون قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي ڪي خدشا آهن ته انهن تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ لاڙڪاڻي کان وٺي پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو هو ۽ ٺٽي سجاول جي پارٽي عهديدارن ۽ چونڊيل نمائدن جو اڄوڪو اجلاس ان سلسلي جي ڪڙي هو ۽ پارٽي چيئرمين پارٽي اڳواڻن کان سندن علائقن ۾ مڪاني چونڊن ۾ اميدوارن بابت بريفنگ ورتي ۽ پارٽي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته هو چونڊن ۾ ڀرپور نموني سان پارٽيءَ کي ڪامياب ڪرائين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *