ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جو مينيجر ڪير هوندو ان جو فيصلو جلد ڪيو ويندو شهريار خان

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جو مينيجر ڪير هوندو ان جو فيصلو ست جنوري کان پهرين ڪيو ويندو. پي سي بي چيئرمين شهريارخان جو وڌيڪ چوڻ هو ته مستقبل ۾ پاڪستان جي دوري تي ايندڙ غيرملڪي ٽيمن جون ميچز ڪراچي ۾به منعقد ڪيون وينديون. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين چيو ته سندس ڌيان ۾ وومن ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ تي کتل آهي. پي سي بي چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته گورننگ بورڊ جي فيصلن تحت ٻن عهدن تي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڪنهن کي به نه آهي. هن چيو ته ٻن عهدن تي ڪم ڪندڙن جو فيصلو ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ بعد ڪيو ويندو. شهريارخان جو چوڻ هو ته ميگا ايونٽ ۾ مينيجر ڪير هوندو ان جو فيصلو ست جنوري کان پهرين ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪينيا جي ٽيم پاڪستان جي دوري بعد سيڪيورٽي تي مطئمن ٿي واپس وئي آهي۽ هاڻي وڌيڪ غير ملڪي ٽيمن کي پاڪستان گهرايو ويندو ۽ ڪراچي ۾ انهن جون ميچز منعقد ڪيون وينديون. هن چيو ته سعيد اجمل ۽ محمد حفيظ جلد بالنگ ايڪشن ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ ڀارتي شهر چناءِ روانو ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *