پاڪستان جي ڪيوسٽ حمزه اڪبر ايشين سنوڪر جو فائنل کٽي 17 سالن کان پوءِ پاڪستان کي ايشين سنوڪر جو چيمپئن بڻائي ڇڏيو

ڪوالالمپور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ڪيوسٽحمزه اڪبر ايشين سنوڪر جو فائنل کٽي 17 سالن کان پوءِ پاڪستان کي ايشين سنوڪر جو چيمپئن بڻائي ڇڏيو. ملائيشيا جي گاديءَ واري هنڌ ڪوالالمپور ۾ کيڏيل 31 هين ايشين سنوڪر چيمپئن شپ جي فائنل ۾ حمزه اڪبر جو مقابلو ڀارت جي پنڪج ايڊواڻيءَ سان ٿيو، حمزه سيمي فائنل ۾ ملائيشيا جي محمد رضا کي هارائي فائنل تائي پهتو هو. بيسٽ آف 31 فريمن تي ٻڌل ميچ ۾ حمزه ۽ پنڪج وچ ۾ سخت مقابلو ڏسڻ لاءِ مليو، پر 22 سالا حمزه سخت مقابلي کان پوءِ ڇهن جي مقابلي 7 فريمن سان ڪاميابي ماڻي ايشين سنوڪر جو تاج پنهنجي مٿي تي سجائي ورتو. ان کان اڳ 1998ع ۾ محمد يوسف ايشين سنوڪر چيمپئن شپ کٽي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *