قومي جوڊو چيمپئن شپ اڄ کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندي

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جوڊو فيڊريشن جي انتظام هيٺ 23هين سينيئر نيشنل مينز جوڊو چيمپئن شپ (اڄ) اڱاري کان پاڪستان اسپورٽس ڪامپليڪس، اسلام آباد ۾ شروع ٿيندي. شيڊول مطابق صوبائي جوڊو چيمپئن شپ 25 نومبر، چوٿين جونيئر 26 نومبر، جڏهن ته 23هين سينيئر نيشنل مينز جوڊو چيمپئن شپ 27 ۽ 28 نومبر تي اسلام آباد ۾ کيڏي ويندي. ان ايونٽ ۾ سموري ملڪ مان 14 ٽيمون حصو وٺنديون. 23هين سينيئر نيشنل مينز جوڊو چيمپئن شپ جو پاڪستان واپڊا، چوٿين جونيئر چيمپئن سپ جو پاڪستان آرمي ۽ پنجين صوبائي جوڊو چيمپئن شو ۾ خيبر پختونخواه جي ٽيم پنهنجي ٽائيٽل جو دفاع ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *