اسلام آباد (اي پي پي)فيڊرل بورڊ انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن جي انتظام هيٺ فيڊرل بورڊ انٽر ڪاليجٽ گرلز هاڪي چيمپين شپ 25 نومبر کان پاڪستان اسپورٽس ڪلب اسلام آباد ۾ شروع ٿيندي، جنهن ۾ فيڊرل بورڊ سان لاڳاپيل ڪاليجن جون شاگردياڻيون حصو وٺنديون، چيمپين شپ جا ڊراز 25 نومبرتي صبح جو 9:30 وڳي ڪڍيا ويندا ۽ ايونٽ 10 وڳي شروع ٿيندو.