عمرڪوٽ ۾ آل پاڪستان شوٽنگ والي بال جو افتتاح ڪيو ويو

عمرڪوٽ (اسپورٽس نيوز) عمرڪوٽ ۾ آل پاڪستان شوٽنگ والي بال ۽ پهريون رئيس مٺا خان کوسو، ميموريل ٽورنامينٽ جنهن جو افتتاح سيد سردار علي شاهه، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ سيد مخدوم اقيل الزمان ڪيو، شروعاتي ميچ ۾ لاهور گرين ڪلب حيدرآباد حڪيم بوزدار ڪلب کي شڪست ڏئي ڇڏي، گرائونڊ نمبر ون ۽ ٽو تي اوڪاڙا باب فريد گج بخش ڪلب، ٿيٻا ڪلب، ٽنڊوالهيار کي شڪست ڏني، ٻي ميچ ۾ ڏهون ميل ڪلب، ڪراچي ڪلب کي شڪست  ڏئي ٻئي رائونڊ ۾ پهتو، شهيد بينظير ڀٽو نئون ديرو ڪلب، ڀٽ ڀائيٽي ڪلب کي شڪست ڏني، ڪالهه وارين ميچن ۾ 16 ٽيمن حصو ورتو، جنهن ۾ ذولفقار جويا، شاقا قيوم، ناصر ۽ ٻين ڪيترن ئي رانديگرن بهترين راند جو مظاهرو ڪيو، رانديگرن کي ۽ بهترين ڪاميٽري ڪرڻ تي رسول بخش رحيمداڻي، رانديگر ذوالفقار جوئي، رانديگر شاڪا سميت ٻن کي حاجي رئس الله بچايو کوسو، ڊاڪٽر شفيح محمد بجير، فقير غلام قادر منڱريو، عبدالشڪور ٿيٻو ۽ ٻن هزارين رپيا روڪ انعام ڏنو، ايم پي اي پونجو ڀيل ٽورنامينٽ ڪاميٽي کي پنج هزار روپيا ڏنا، چيف آرگنائيزر فقير غلام قادر منڱريو ٽورنامينٽ ڪاميٽي کي 20000 روپيا ڏنا، جڏهن ته اڄ آچر ڏينهن سيمي فائنل ۽ ڪوارٽر فائنل کيڏيا ويندا، آچر شام جو چئين وڳي فائنل کيڏيو ويندو، جنهن خاص مهمان قومي اسيمبلي جو ميمبر نواب محمد يوسف ٽالپر، صوبائي وزير سيد علي مردان شاهه، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ مخدوم عقيل الزمان جن هوندا. فائنل ۾ هزارين روپيا روڪ انعامن سميت شيلڊ ايوارڊ پڻ کٽيندڙ ٽيم کي ڏنا ويندا،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *