سلطان جوهر ٽورنامينٽ ۾ (اڄ) ٽي ميچون کيڏيون وينديون

ڪولالمپور (اسپورٽس نيوز)سلطان جوهر جي ٽورنامينٽ ۾ (اڄ) خميس تي وڌيڪ ٽي ميچون کيڏيون وينديون. تفصيل مطابق ملائيشياجي شهر جوهر بارو ۾ جاري چوٿين سلطان جوهر هاڪي ڪيمپ جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي. ٽورنامينٽ ۾ اڄ خميس تي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيندو. ٻي ميچ ملائيشيا ۽ ڀارت، جڏهن ته ٽين ميچ انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. واضح رهي ته پاڪستاني ٽيم ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي پنجين ۽ آخري ميچ 18 آڪٽوبر تي ملائيشيا خلاف کيڏندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *