ايف بي آر مصباح الحق جي گاڏي قبضي ۾ وٺي ڇڏي

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) ايف بي آر پاڪستاني ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جي لينڊ ڪروزر گاڏي ٽيڪس ۽ ڊيوٽي نه ڏيڻ تي قبضي ۾ وٺي ڇڏي آهي. ڀارتي خابرو اداري مطابق اختيارين ٻڌايو آهي ته ايف بي آر جو چوڻ آهي ته  رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ مان خبر پئي ته مصباح الحق گاڏي جي ٽيڪس ۽ ڊيوٽي ناهي پياري تنهن ڪري اها قبضي ۾ ورتي وئي آهي، واضع رهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ به 39لک رپيا ٽيڪس نه پيارڻ تي مصباح الحق جا بئنڪ اڪائونڊ  بند ڪيا ويا هئا.ذريعن مطابق لينڊ ڪروزر قبضي ۾ وٺڻ کان اڳ ايف بي آر اختيارين مصباح الحق کي نوٽيس اماڻيو هو جنهن ۾ کيس ٽيڪس ۽ ڊيوٽي جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *