انگلينڊ ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻي ٽيسٽ 16 کان 20 جولاءِ تائين لارڊز لنڊن ۾ کيڏي ويندي

ڪارڊف (اسپورٽس نيوز) ايشز سيريز ۾ انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کان ڪارڊف ۾ شروع ٿيندي. آسٽريليا وارم اپ ميچن ۾ ڪاميابيءَ حاصل ڪئي. ڪينٽ ڪائونٽي خلاف پهرين چئن ڏينهن جي ٽوئر ميچ ۾ آسٽريليا 255 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ ڪينگروز ايڪس ڪائونٽي کي 169 رنسن تان هارايو هو. انگلينڊ ۽ آسٽريليا وچ ۾ ايشز سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ 8 کان 12 جولاءِ تائين صوفيه گارڊن، ڪارڊف جڏهن ته ٻي ٽيسٽ 16 کان 20 جولاءِ تائين لارڊز لنڊن ۾ کيڏي ويندي. ان کان پوءِ آسٽريلوي ٽيم ڊربي شائر خلاف ٽن ڏينهن جي ٽوئر ميچ کيڏندي، جيڪا 23 کان 25 جولاءِ تائين ڪائونٽي گرائونڊ ڊربي ۾ ٿيندي. سيريز جي ٽين ٽيسٽ 29 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين ايجسٽن برمنگهم، چوٿين ٽيسٽ 6 کان 10 آگسٽ تائين ٽرينٽ برج برمنگهم ۾ کيڏي ويندي. 14 کان 16 آگسٽ تائين آسٽريليا جي ٽيم نارميٽن شائر جي خلاف ٽن ڏينهن جي ٽوئر ميچ کيڏندي. ايشز سيريز جي پنجين ۽ آخري ٽيسٽ 20 کان 24 آگسٽ تائين لنڊن ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *