ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ نه هٿئڻ ک ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جو سبب قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ جي موجوده صورتحال نهايت ڳڻتي جوڳي ۽ سڀني کي ان تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي اسان 16 سالن کان پوءِ بنگلاديش کان به هارائي ويٺاسين انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جي ڪرڪيٽ ڪٿي پهتي آهي. انٽرويو ۾ هن چيو ته اسان کي لازمي طور تي هاڻي اڳيون ورلڊ ڪپ کٽڻ کي حدف قرار ڏيڻ گهرجي ڇو ته تيستائين اسان کي هي ميگا ايونٽ کٽندي 27 سال ٿي چڪا هوندا انضمام الحق چيو ته اسان جي ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ نه پئي ٿئي تنهنڪري نون ايندڙ نوجوانن کي ٽاپ ليول تي سيٽ ٿيڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي.