آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل لائين اپ مڪمل ٿي وئي، ناڪ آئوٽ مرحلو 18 مارچ کان شروع ٿيندو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) 11هين آءِ سي سي ورلڊ جي ڪوارٽر فائنل لائين اپ مڪمل ٿي وئي آهي. دفاعي چيمپئن ڀارت، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، پاڪستان، سريلنڪا، ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديش ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ جاءِ ٺاهيورتي. پول اَي مان نيوزيلينڊ ۽ پول بي مان ڀارت ناقابل شڪست رهڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. ناڪ آئوٽ مرحلو 18 مارچ کان شروع ٿيندو. پهرئين ڪوارٽر فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ سريلنڪا جون ٽيمون سڊني گرائونڊ ۾ آمهون سامهون ٿينديون. 19 مارچ تي ٻئي ڪوارٽر فائنل ڀارت ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ زور آزمائي ٿيندي. ٽئين ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ايڊيليڊ اوول ۾ 20 مارچ تي دنگل ٿيندو، جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ڪوارٽر فائنل ۾ نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون 21 مارچ تي ويلنگٽن ۾ مقابلو ڪندو. ميگا ايونٽ جو پهريون سيمي فائنل 24 مارچ، ٻيو 26 مارچ، جڏهن ته فائنل 29 مارچ تي کيڏيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *