آءِ سي سيءَ پاڪستان زمبابوي سيريز جي لاءِ پنهنجا ميچ آفيسر پاڪستان موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏي

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سيءَ) پاڪستان زمبابوي سيريز جي لاءِ پنهنجا ميچ آفيسر پاڪستان موڪلڻ کان انڪار ڪندي پاڪستان کي هڪ مفت صلاح ڏيندي مقامي امپائر مقرر ڪرڻ جو چيو آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سيءَ جي فيصلي کان پوءِ سيريز جي لاءِ امپائرن ۽ ميچ ريفريءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. زمبابوي جي ٽيم 3 ون ڊي ۽ ٻِن ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ جي لاءِ 19 مئي تي پاڪستان پهچي رهي آهي جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ ڇهن سالن کان پوءِ ڪرڪيٽ بحال ٿي ويندي، پر آءِ سي سيءَ سيريز ۾ پنهنجا آفيسر نه موڪلڻ جو اعلان ڪري سيريز جو مزو خراب ڪيو آهي. آءِ سي سيءَ اهڙو فيصلو پنهنجي سڪيورٽي ماهرن جي رپورٽ کي نظر ۾ رکي ڪيو هو، جن پاڪستان ۾ سڪيورٽي جي صورتحال تي کٽڪن جو اظهار ڪيو. آءِ سي سيءَ اپريل ۾ ئي فيصلو ڪيو هو ته جيڪڏهن ميچ آفيسر پاڪستان نه موڪليا ويا ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي مقامي آفيسر مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي. هتي ان ڳالهه کي خاص طور واضح ڪيو ويو آهي ته ان ميچ کي آفيشل ڪرڪيٽ ميچ جي حيثيت حاصل هوندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سيريز جي لاءِ ميچ آفيسرن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اظهر خان سڀني ميچن جو ميچ ريفري هوندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ميچن جي امپائرن جو اعلان به ڪيو آهي ۽ پاڪستان سان گڏوگڏ زمبابوي جو رسل ٽفن به ميچن ۾ امپائرنگ ڪندي نظر ايندو. پي سي بيءَ موجب عليم ڊار، احسن رضا، شوزيب رضا ۽ زمبابوين امپائر رسل ٽفن فيلڊ امپائر هوندا. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 22 مئي تي ٿيندڙ پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ احنس رضا ۽ شوزيب رضا فيلڊ امپائر هوندا، جڏهن ته ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ امپائرنگ جي ذميواري احسن رضا ۽ احمد شهاب حوالي ڪئي وئي آهي. ٽنهي ون ڊي ميچن ۾ زمبابوين امپائر رسل ٽفن کي امپائرنگ جي ذميواري ڏني وئي آهي، جڏهن ساڻس پهرين ميچ ۾ عليم ڊار، ٻين ميچ ۾ شوزيب رضا ۽ ٽيءَ ۾ احسن رضا امپائرنگ جا فرض نڀائيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *